خدابخش قاضي مورائي

خدابخش قاضي مورائي

خدابخش قاضي مورائي

خدابخش قاضي مورائي: سنڌ مدرسه ڪاليج ڪراچيءَ جي باني خدا بخش قاضيءَ، 1895ع ڌاري موري شهر (ضلعي نوشهري فيروز) ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم موري مان ئي حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ 1914ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه عرصو ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ به پڙهيو. ان کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه ويو، جتي 1916ع کان 1921ع تائين رهيو. تحريڪ خلافت سان وابستا هئڻ ڪري 1922ع ۾ جيل ويو. کيس ڪجهه عرصو ڪراچيءَ ۾ قيد رکيو ويو ۽ پوءِ کيس پوني جيل اماڻيو ويو. قيد دوران مولانا محمد اڪرم بالائيءَ کان قرآن مجيد جو تفسير پڙهيائين. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ميرٽ ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين، جنهن بعد ڪراچيءَ ۾ اچي وڪالت ڪيائين. 1934ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو بنا مقابلي ڪائونسلر ۽ ساڳئي سال بنا مقابلي ڊپٽي ميئر چونڊيو ويو. ان بعد ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جو پهريون ملسمان ميئر ٿيو ۽ ميئر جي حيثيت دوران ڪيترائي نوان اسڪول کولرايائين. 1937ع ڌاري سر راس مسعود جي ڪراچيءَ اچڻ تي علي ڳڙهه بوائز ايسوسيئيشن قائم ٿي. 1942ع ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيو. انهيءَ حيثيت ۾ هن ڪوشش ڪئي ته سنڌ مدرسي کي اسڪول مان ڪاليج جو درجو ملي. ايس. ايم. ڪاليج جي افتتاحي تقريب لاءِ قائداعظم محمد علي جناح کي دعوت ڏني وئي. تقريب ۾ قائداعظم بورڊ کي 10 هزار رپيا عطيو ڏنو. قاضي خدابخش کي 1943ع ۾ صوبي سرحد ۾ سرڪاري وڪيل مقرر ڪيو ويو. هن 20 فيبروري 1944ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو